سانگھڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) پيرا ميڊيڪل اسٽاف سانگهڙ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو او پي ڊي جو بائيڪاٽ مريض درپدر ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن قربان خاصخيلي، نصير قريشي ،فائزا خان ، ۽ٻين چيو ته حڪومت واعدو ڪيو هو ته ڪورونا وائرس رسڪ الائونس ڏنو ويو آهي جيڪو اڃا تائين نه مليو آهي جنهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي جيڪا ٽي ڏينهن مسلسل بند رھندي، ھوڏانھن او پي ڊي کي ملازمن پاران تالا ھڻي بند ڪرڻ سبب غريب مسڪين مريض درپدر ٿي ويا آهن