اسان سانگهڙ جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي اسان جي پيار جا ويري اسان جي جانين جا دشمن ٿي ويا آهن : اڳواڻ

. سانگهڙ(ڊر)  ضلع عمرڪوٽ  جي ڍورو نارو ٿاڻي جي حد جي  ڳوٺ باڪر پلي جو رهواسي پريمي جوڙو  شبانه سولنگي ۽ سندس مڙس امام بخش سولنگي سانگهڙ پہچي ميڊيا آڏو دانهيدي چيو ته اسان سانگهڙ جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي اسان جي پيار جا ويري اسان جي جانين جا دشمن ٿي ويا آهن اسان جي جان کي خطرو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته غلام حسين سولنگي ان جا پٽ ۽ جمشير، نواز علي سولنگي اسان کي مارڻ چاهين ٿا اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو پڻ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان کي تحفظ ڏئي اسان سان انصاف فراهم ڪيو وڃي هنن ڍورو نارو ٿاڻي جي پوليس تي الزام  هڻندي چيو ته پوليس ڪجھ ڏوڪڙن جي عيوض اسان جي جان جي دشمن ٿي وئي آهي هنن چيو ته اسان رضا خوشي سان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آهي اسين آء جي سنڌ ڊي آء جي ميرپورخاص ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسانکي تحفظ ڏئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي

Read Previous

غلام نبي مورائي اسڪول کي ڏنل پلاٽ تي اچي ڪوڏر سان کوٽائي ڪري لپا هڻي افتتاح ڪري دعا گهري

Read Next

پيرا ميڊيڪل اسٽاف سانگهڙ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو او پي ڊي جو بائيڪاٽ مريض درپدر ان

Most Popular