مورو : ڳوٺ نيو لغاري بجراڻي پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر ۽ شاگردن تي بااثر ماڻھن جو حملو شاگرد ۽ استادن کي مار ڪٽ ڪري اسڪول مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو

مورو   (رپورٽ محمد انيس ڪلھوڙو )مورو ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ نيو لغاري بجراڻي پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر ۽ شاگردن تي بااثر ماڻھن جو حملو شاگرد ۽ استادن کي مار ڪٽ ڪري اسڪول مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو زخمي استاد غلام اڪبر لغاري کي تعلقہ اسپتال مورو آندو ويو آھي جتي کيس طبي امداد ڏني وئي آھي، بااثرن جي اھڙي عمل ۽ حملي خلاف شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن جو احتجاجي مظاھرو جتي ھيڊ ماستر غلام اڪبر لغاري ۽ شاگردن ٻڌايو ت ڳوٺ جا بااثر ماڻھو خادم حسين لغاري، غلام رسول، ۽ حاجن لغاري جيڪي معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ تان استادن تي مڇرجي پيا آھن، ۽ استادن ۽ شاگردن کي اسڪول ۾ اچڻ نہ ٿا ڏين، ان موقعي تي ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ ڪچي جي علائقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا معصوم ٻارڙا ھن پرائمري اسڪول مان تعليم وٺڻ اچن ٿا پر مذڪورھ بااثر ماڻھو ٻارڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ نہ ٿا ڏين ھو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن تہ اسڪول بند ڪيو اسان اھڙيون شڪايتون ھتان جي چڱن مڙسن کي ڏنيون آھن پر ڪو بہ تدارڪ نہ ٿيو آھيو اڄ جيئن ئي اسان اسڪول ۾ ٻارڙن کي سبق ڏئي رھيا ھئاسين تہ مذڪورھ ماڻھن حملو ڪري مون کي زخمي ڪيو ۽ ٻارڙن کي اسڪول مان زبردستي ڪڍي ڇڏيو آھي، خوف سبب ڪجھ ٻارڙا گھرن ڏانھن واپس ھليا ويا آھن اھڙي اسڪول تي حملي جي اين سي گچيرو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي پر جوابدار گرفتار نہ ٿي سگھيا آھن ياد رھي تہ ٻہ سال اڳ مذڪورھ اسڪول تي بااثرن پاران چڙھائي ڪري اسڪول بند ڪرايو ھو، تعليم کاتي ۽ انتظاميہ پاران نوٽيس وٺي اسڪول کولرايو ھو ٻن سالن کان پوءِ وري اڄ ٻيھر حملو ڪري اسڪول بند ڪرايو ويو آھي، اھڙي اسڪول تي حملي ۽ بند ڪرائڻ جي رپورٽ تعليم کاتي جي عملدارن کي پڻ ڪئي آھي، ھنن مطالبو ڪيو آھي تہ حملي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري شاگردن ۽ استادن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي،..

Read Previous

پيرا ميڊيڪل اسٽاف سانگهڙ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو او پي ڊي جو بائيڪاٽ مريض درپدر ان

Read Next

تحريڪ شروع ٿي وئي، هن حڪومت کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين: مولانا فضل الرحمان

Most Popular