راولپنڊيپاڪ افغان بارڊر تي سرحد پار کان فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو حوالدار شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ ۾ پاڪ افغان سرحد تي پاڪ فوج جي پوسٽ تي دهشتگردن سرحد پار کان فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب حوالدار تنوير شهيد ٿي ويو جڏهن ته هڪ سپاهي زخمي به ٿيو آهي. ياد رهي ته پاڪ افغان بارڊر تي ڏوهارين جي اچ وڃ کي روڪڻ جي لاءِ پاڪ فوج طرفان ڪنڊيدار تارون لڳايون پيون وڃن. جنهن جو ڪم روڪرائڻ لاءِ دهشتگردن طرفان پاڪ فوج جي جوانن تي فائرنگ ڪئي ويندي آهي.