افغان آرمي جا ٻه جنگي جهاز اڏام دوران پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه، نو اهلڪار اجل جو شڪار

ڪابل: افغانستان ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ 2 هيلي ڪاپٽر هڪ ٻئي سان ٽڪرا.جي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 9 اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا.  فوت ٿي ويلن ۾ افغان فوج جو زخمي اهلڪار ۽ هليڪاپٽر جو عملو به شامل آهي فوت ٿي ويل اهلڪارن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. هلمند جي گورنر جي ترجمان عمر زواڪ ٻڌايو آهي ته هي هيليڪاپٽر هلمند جي ضلعي ناوا ۾ طالبان ويڙهاڪن جي خلاف هڪ فوجي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ڪمانڊوز جي ٽيم کي ڏکين علائقن ۾ ڇڏڻ ۽ واپس آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا.  گورنر جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته چار ڪلاڪن کان وڌيڪ   جاري رهندڙ آپريشن ۾ 23 طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا آهن ۽ ضلعي ناد علي ۾ 3 نيون چيڪ پوسٽون به ٺاهيون ويون آهن. ٻئي طرف صوبي بغلان ۾ طالبان ويڙهاڪن فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 16 اهلڪار مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته حملي کان پوءِ طالبان افغان فوج جا هٿيار به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

Read Previous

باجوڙ: پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ سبب پاڪ فوج جو حوالدار شهيد

Read Next

سلينا گومز ڪورونا وائرس دوران ڊپريشن جي شڪار ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو

Most Popular