سکر ( رپورٽ ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر جي عوام تي فوڊ ڪنٽرول وارن کي رحم اچي ويو نيٺ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي سکر جاڳي پئي سکر جي گوليمار واري علاءقي ۾ مرچن ۾ ڀوسو ۽ ڪٽي ۽ چوڪر ملائي رنگ ڏئي ملاوٽ ڪندڙ 2 ٻن ڪارخانن کي سيل ڪري ٽي لک رپين جو ڏنڊ تفصيل موجب لاڙڪاڻو کان آيل فوڊ اٿارٽي ڪنٽرول جي ٽيم سکر پھچي گوليمار واري علاءقي اندر مرچن ۾ ملاوٽ ڪندڙ ٻن فيڪٽرين تي ڇاپو ھڻي سيل ڪري ڇڏيو ۽ ٽي لک رپيا مٿان لکين رپيا ڏنڊ ھينون ويو فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ ھو ته مرچن جي فيڪٽري جون شڪايتن تي ڇاپو ھنيون آھي ان مرچن جا سيمپل به ورتاآھن مرچن ۾ ڀوسو ـ چوڪر ۽ رنگ وڌو وڃي ٿو جيڪو انسانن لاء ھاڃيڪار آھي ان ڪري ڏنڊ وجھي ڪارخانن کي سيل ڪيو آھي سيمپل ليبارٽري مان چيڪ ڪرائي بعد ۾ وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي