سکر جي واھن تان بي گھر ڪيلن طرفان جوڙيل واھ ايڪشن ڪاميٽيء طرفان احتجاج ڪندي مظاھرو ڪيو ويو

سکر (رپورٽ: ۔امداد علي گل ڪلوڙ )  سکر جي واھن تان بي گھر ڪيلن طرفان جوڙيل واھ ايڪشن ڪاميٽيء طرفان سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي مظاھرو ڪيو ويو  ۽ سخت  نعري بازي ڪئي وئي ـ انھن متاثرين جي ايڪشن ڪاميٽيء جي اڳواڻن مظھر شاھ شير محمد ميراڻي سڪندر بکراڻي منٺار ميراڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڪيترو ئي وقت گذري چڪو آھي پر کين متبادل اجھا فراھم نه  ڪيا ويا آھن آبپاشي کاتي وارن طرفان ڪنڊي فرام وٽ پلاٽ ڏيڻ جا وعدا ڪيا ھيا پر اھي واعدا پورا نه ڪيا ويا آھن ـ اھي کليل آسمان ھيٺ پنھنجي ڪٽنبن سان گڏ خانا بدوشن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ـ ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف چسٽس وزيراعظم وڏي وزير ۽ ٻين آبپاشي کاتي جي اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آھي ته  کين ترت متبادل اجھا فراھم ڪيا وڃن ـ ٻئي صورت ۾ اھي احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي زوردار احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا جنھن ۾ ملڪ جي مختلف طبقن ۽ سياسي ڌرين کي شرڪت جي ڀرپور اپيل ڪئي ويندي ـ

Read Previous

سکر: عوام تي فوڊ ڪنٽرول کي رحم اچي ويو، مختلف علائقن ۾ ڇاچا

Read Next

نوشهروفيروز: 12 ئي ڪلاڪ ٽريزري جا دروازا کليل آهي جڏهن ته خزاني آفيس ۾ رشوت کان سواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ڪيو وڃي

Most Popular