لاهور: گلبرگ واري علائقي ۾ باهه لڳڻ سبب سامان سڙي خاڪ ٿي ويو

لاهور:  گلبرگ ۾ واقع حفيظ سينٽر ۾ باهه لڳڻ سبب ڪروڙين روپين جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو آهي.  رپورٽ موجب لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ واقع حفيظ سينٽر ۾ لڳندڙ باهه جي نتيجي ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو. سڄي شهر مان 30 کان وڌيڪ فائربرگيڊ ۽ ريسڪيو جون گاڏيون باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن پر اڃان تائين باهه تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي.  ريسڪيو اختيارين موجب صبح جو 6 وڳي پلارا جي ٻئين منزل تي واقع هڪ موبائل جي دڪان ۾ باهه لڳي  جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ٽئي منزل تي واقع سمورن دڪانن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.  واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ۽ فائر برگيڊ جون 10 گاڏيون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ باهه وسائڻ ۾ مصروف ٿي ويون  پر باهه تيزي سان وڌندي چوٿين  فلور جي ڪيترن ئي دڪانن کي به  پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته پلازا ۾ موبائل، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرونڪس جون دڪانون آهن ۽ باهه لڳڻ  جو سبب اڃان  تائين خبر نه پئجي سگهي آهي. پلازا جي ڇت تي  ڪيترائي  جنريٽر به آهن جن ۾ ڊيزل پيل آهي. باهه تيزي سان پلازا جي ڇت طرف پکڙجي رهي آهي. جنهن سبب وڌيڪ نقصان جو امڪان آهي پر آچر جو ڏينهن هجن ڪري مارڪيٽون بند هيون ۽ في الحال ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.  پلازا جي ٻاهران شهرين ۽ دڪاندارن جو وڏو انگ جمع ٿي ويو آهي ٽريفڪ پوليس مين بليو وارڊ کي مخصوص هنڌ کان بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوليس جي وڏي نفري شهرين کي پلازا کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار انتظاميه کان واقعي جي رپورٽ طلب  ڪري ورتي آهي ۽ حفيظ سينٽر ۾ باهه تي قابو ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته انتظاميه ۽ ريسڪيو 1122 باهه تي قابو ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻن پلازا ۾ ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍڻ پهرين ترجيح آهي.  آءِ جي پنجاب انعام غني به گلبرگ پلازا ۾ لڳل باهه تي قابو ۽ ريسڪيو ورڪ لاءِ پوليس کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. آءِ جي ڊي آءِ جي آپريشن لاهور، اشفاق خان ۽ ڊويزنل ايس کي موقعي تي پهچڻ جون هدايتون ڪندي چيو آهي ته پوليس جون ٽيمون ريسڪيو 1122 سان ملي فائر فائٽنگ آپريشن ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن ۽ شهرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي.

Read Previous

دولت ڪالوني ۾ ملڪيت تان ڀاءُ هٿان ڀاءَ قتل

Read Next

آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ اڄ کان عارضي جنگبندي تي اتفاق

Most Popular