آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ اڄ کان عارضي جنگبندي تي اتفاق

باکو:  آرمينيا ۽ آذربائيجان جي فوج وچ ۾ تڪراري علائقي نگورنوڪاراباخ جي معاملي تي شروع ٿيندڙ چڪرين ۾ اڄ کان عارضي جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ نگورنوڪاراباخ جي معاملي تي 27 سپيٽمبر کان چڪريون جاري هيون. چڪرين ۾ ٻنهي طرفن کان شهرين ۽ فوجين سميت  700 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري جنگبندي تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو.  ياد رهي ته وچ ايشيائي ملڪ اذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ نگورنو ڪاراباخ جي تڪراري علائقي ۾ تازو فوجي ڇڪتاڻ جي تاريخ سوويت يونين سان جڙيل آهي ۽ هينئر تائين هن علائقي تي ٻنهي ملڪن ۾ رتوڇاڻ به ٿي چڪي آهي. ٻئي ملڪ هن تڪراري سرحدي علائقي تي پنهنجي ملڪيت جي دعويٰ ڪندا آهن. نگورنو ڪاراباخ جو علائقو باضابطه طور تي آذربائيجان جو حصو آهي پر آرمينيا نسلي گروهه 1990 جي جنگ ۾ آرمينيا جي مدد سان هتي قبضو ڪري ورتو هو ۽ هاڻ اها آرمينيائي فوج جي ڪنٽرول هيٺ آهي. آرمينيائي ۽ آذربائيجان جي فوچين وچ ۾ اڪثر هن علائقي ۾ چڪرين جو سلسلو جاري رهندو آهي. هلندڙ سال جولاءِ ۾ به اهڙي طرح جي ويڙهه شروع ٿي هئي جنهن ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا هئا.

Read Previous

لاهور: گلبرگ واري علائقي ۾ باهه لڳڻ سبب سامان سڙي خاڪ ٿي ويو

Read Next

اسڪردو ۾ لينڊسلائيڊنگ سبب بس اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، سورنهن مسافر فوت

Most Popular