اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) چيو آهي ته مشهور چيني موبائل ايپ ٽڪ ٽاڪ کي پاڪستان ۾ بحال ڪيو ويو آهي. پي ٽي اي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ مينجمينٽ يقين ڏياريو آهي ته غير اخلاقي مواد پکيڙيندڙن جي اڪائونٽن کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ اڪائونٽس جي مقامي قانون موجب نگراني به ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميه غيراخلاقي مواد کي روڪڻ لاءِ ميڪانزم ٺاهڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ۽ هنن يقين ڏياريو آهي ته غير اخلاقي مواد جي لاڳيتو نگراني ۽ اهڙا اڪائونٽس معطل ڪرڻ جو مقامي نظام بنايو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) 9 آڪٽوبر تي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو اعلان ڪيو هو. پي ٽي اي جو چوڻ هو ته معاشري جي مختلف طبقن طرفان ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي ۽ غير مهذب مواد جي موجودگي جون شڪايتون ڪيون ويون هيون جنهن کان پوءِ ايپ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو هو.