ڪورونا وبا دوران اسنيپ چيٽ جي آمدني ۾ تيزي سان واڌ

لنڊن:   عالمي وبا ڪورونا وائرس دوران سوشل شيئرنگ ايپلي ڪيشن اسنيپ چيٽ جي آمدني ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي.  پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪورونا وائرس جي دوران سوشل شيئرنگ ايپليڪيشن اسنيپ چيٽ جي صارفين ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني جي آمدني ۾ 23 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسنيپ چيٽ جي ڊيلي ايڪٽيو يوزرز جي انگ ۾ 18 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جڏهن ته ڪمپني جي آمدني ۾ بنيادي طور تي ايپ تي اشتهارن مان 52 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. چيو پيو وڃي ته گذريل ٽن مهينن دوران ڪمپني جي ساک ۾ بهتري نظر آئي آهي ڇو ته هن وقت سوشل ميڊيا جي مشهور ترين پليٽ فارم فيس بڪ تي چڙ ڏياريندڙ بيان جي آڌار تي جولاءِ ۾ تقريبن سوين ڪمپنين اشتهارن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو. ٻئي طرف مشهور ترين چيني  لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي به ڪيترن  ئي ملڪن طرفان پابنديون لاڳو ڪيون ويون هيون.

Read Previous

سري لنڪن پريميئر ليگ: وهاب رياض سلمان خان جي فرنچائز ۾ شامل

Read Next

پ پ جي حڪومت ۾ لياري جو حال !!!

Most Popular