سري لنڪن پريميئر ليگ: وهاب رياض سلمان خان جي فرنچائز ۾ شامل

لاهور:   سري لنڪن پريميئر ليگ ۾ پاڪستاني پيسر وهاب رياض به ڀارتي فلم اسٽار جي فرنچائز ڪينڊي ٽسڪرز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو.  سلمان خان جي فيملي سريلنڪن پريميئر ليگ جي ٽيم خريد ڪئي آهي. پاڪستاني پيسر وهاب رياض به ڀارتي فلم اسٽار جي فرنچائز ڪينڊي ٽسڪرز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو. هي ٽيم سلمان خان جي ڀاءُ جي نالي سان رجسٽرڊ ڪمپني سهيل خان انٽرنيشنل خريد ڪئي آهي.  ٽورنامينٽ ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندو. سهيل خان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته سري لنڪن پريميئر ليگ ۾ ڪيترائي رانديگر موجود هوندا. شوقين وڏي بيچيني سان ڇرڪائيندڙ خبرن جي انتظار ۾ آهن. ڪينڊي ٽسڪرز جو اسڪواڊ متوازن آهي، ڪرس گيل کي ڪرڪيٽ جو باس چيو ويندو آهي. ڪوشل پريرا جهڙي سريلنڪن اسٽار سان گڏ ميچ ونرز وهاب رياض ۽ ليام پلنڪٽ به موجود آهن. ڪوشل مينڊس ۽ نوان پراديپ به ڇرڪائيندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا. پنهنجي ٽيم جي حوصله افزائي جي لاءِ سلمان خان هر ميچ ۾ نظر ايندو.

Read Previous

شعيب منصور سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي: مايا علي

Read Next

ڪورونا وبا دوران اسنيپ چيٽ جي آمدني ۾ تيزي سان واڌ

Most Popular