راولپنڊي: زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم آرمي اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ پاڪستان سان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي تياري شروع ڪري ڏني آهي. تجربيڪار ايلٽن چگمبورا چيو آهي ته ٽيم ۾ شامل تجربيڪار رانديگرن اسان کي فتح ڏياري سگهن ٿا ۽ اسان هر ميچ کٽڻ جي لاءِ ميدان ۾ لهنداسين. زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آفيشلز جا ڪورونا ٽيست ٿي ويا آهن ۽ سمورا رانديگر موذي وبا مان ڪليئر ٿي ويا. ٽيسٽ گذريل ڏينهن ڪيا ويا هئا. مهمان ٽيم هوٽل جي بائيو سيڪور ماحول ۾ آهي ۽ سمورا رانديگر ۽ آفيشلز هڪ هفٽي آئسوليشن ۾ رهندا. ان دوران آرمي اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ زمبابوي جي ٽيم کي پريڪٽس جون سهوليتون ڏنيون ويون آهن. گذريل ڏينهن مهمان ٽيم بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جون مشقون ڪيون.