خيرپور ناٿن شاه (رپورٽ. اختر مشوري ) خيرپور ناٿن شاه لڳ ڳوٺ مغري جو دڙو ۾ اڄ صبح جو صدام حسين لغاري پنج نامعلوم هٿياربندن سان گڏجي عبدالحميد لغاري جي گهر ۾ گهڙي پنهنجي زال سيما لغاري کي پسٽل جا فائر ڪري پيٽ ۾ گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏھن ته هڪ ساله معصوم ڌيء مسڪان کي اک ۾ گولي هڻي موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو.. جڏھن ته زخمي سيما لغاري ۽ قتل ٿيل معصوم نينگري مسڪان کي وارث تعلقه اسپتال ڪي اين شاه کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن طرفان زخمي ٿيل عورت سيما لغاري کي پيٽ ۾ گوليون هجڻ سبب ترت علاج لا۽ ريفر ڪيو ويو. اهڙي اطلاع ملڻ باوجود گوزو ٿاڻي جو انچارج بشير لاکير جا۽ واردات تي بروقت نه پهچي سگهيو. جنهن سبب ڳوٺ جي ماڻھن ۽ وارثن ۾ شديد ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي آھي. جڏھن ته جوابدار صدام حسين لغاري ۽ سندس نامعلوم هٿياربند موقعي تي ئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. آخري اطلاعن موجب پوليس طرفان ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ۽نه ئي ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو.