سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي سکر جي صدر خورشيد ميراڻي چيو آهي ته ڪوڙا ڪيس ۽ الزام (ن) ليگ جي قائدين ۽ ڪارڪنن جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن، (ن) ليگ عوام جي خدمت، ملڪ جي بقاء ۽ سلامتي لاءِ ڪم ڪيو آهي ، سمورا ڪارڪن سردار اياز صادق سان گڏ آهن، نااهل سليڪٽڊ وزير اعظم عمران خان اعلان ڪيو هو ته پي ڊي ايم جلسن ۾ جيڪڏهن 10 هزار کان وڌيڪ به ماڻهو جمع ٿي ويا ته مان استعيفيٰ ڏيندس، پي ڊي ايم جي جلسن ۾ لکين ڪارڪنن جي شرڪت کانپوءِ هاڻي عمران خان کي گهر وڃڻ گهرجي، پي ٽي آءِ نااهل حڪومت وٽ عوام لاءِ ڪجهه ناهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سيڪريٽريٽ ۾ (ن) ليگ جي اڳواڻ شيخ نظام جان، خالد آرائين ۽ ٻين عهديدارن۽ ڪارڪنن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو،خورشيد ميراڻي وڌيڪ چيو ته ڪوڙا ڪيس، جيلون (ن) ليگ جي مشن کي ڪنهن به صورت روڪي نٿيون سگهن ، جيڪڏهن قائدين حڪم ڏنو ته (ن) ليگ جو هر هڪ ڪارڪن موجوده حڪومت خلاف لوهي ديوار بڻجي بيهندو، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي باوجود پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي ريليف ناهي ڏئي سگهي ۽ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ مخالفن تي الزام لڳائي رهيا آهن، پي ڊي ايم تحريڪ جي ڪاميابي عمران خان کي گهر موڪلڻ لاءِ ڪافي آهي.