بوسنيا سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد:  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بوسنيا سان سمورن شعبن ۾  لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم عمران خان بوسنيا جي صدر سان ملاقات ۽ مفاهمتي ياداشت تي صحيح کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس جي دوران چيو اهي ته بوسنيا  مشڪل وقت ڏٺو آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن  وچ ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان بوسنيا سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جو خواهشمند آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جو فيصلو ڪيو آهي ۽ بوسنيا سان لاڳاپن کي پاڪستان خصوصي اهميت ڏيندو آهي. عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير تي پاڪستان جي موقف جي حمايت تي بوسنيا جي صدر جو ٿورائتو اهيان ۽ سڄي دنيا کي خبر آهي ته هن وقت ڀارت ڪشمير ۾ ڇا ڪري رهيو آهي. اسان ملاقات ۾ فرانس ۾ مسلمانن جي خلاف هلندڙ  واقعن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن چيو ته يورپ کي سمجهڻ گهرجي ته اظهار جي آزادي جو مقصد دل آزاري نه هجڻ گهرجي ۽ اظهار جي آدي کي ڪنهن مذهب جي خلاف استعمال نه ڪرڻ گهرجي.  بوسنيا جي صدر شفيق جعفرووچ چيوته پاڪستان اچي خوشي محسوس ٿي آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن ۽ بونسيا پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهي. هن چيوته بوسنيا ۾ جنگ دوران پاڪستان جي امداد جا ٿورائتا آهيون ۽ تعليم واپار سميت  ٻين شعبن ۾ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جا به خواهشمند آهيون. ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهيون ڪندي بوسنيا جي صدر چيو ته ڪشمير مسئلي تي اسان جي موقف ۾ تبديلي ناهي آئي ۽ ان کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فرانس ۾ گستاخ خاڪن جو معاملو مذمت جوڳو آهي. جڏهن ته آسٽريا ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪريون ٿا.

Read Previous

حڪومت جسٽس قاضي کي غيرقانوني طريقي سان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي: اختلافي نوٽ

Read Next

تحريڪ انصاف جمهوري احتجاج جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular