تحريڪ انصاف جمهوري احتجاج جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

گلگلت:  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پرامن احتجاج جو هر رستو بند ڪري ڇڏيو آهي. استور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي  چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت ۾ عوام کان روزگار ڦريو پيو وڃي. هي حڪومت عوام سان ناانصافي ڪري رهي آهي. هي اها پارٽي آهي جيڪا سبسڊي ڦريندي آهي انڊسٽري لاءِ بجلي جا اگهه گهٽ ڪري رهيا آن پر عام ماڻهو تي وزن وجهي رهيا آهن. اڄ عوام تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهي آهي. پهريان زراعت زراعت تباهه ڪئي هاڻ هارين کان احتجاج جو حق به ڦريو ويو. تحريڪ انصاف جي حڪومت پرامن احتجاج جو هر رستو بند ڪري ڇڏيو آهي عوام هن حڪومت جي نالائقي جو وزن کڻي رهي آهي.  بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي هميشه گلگت بلتستان جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. اسان جو دور آيو ته گلگت بلتستان کي سڃاڻپ ڏينداسين هتي جي نوجوانن کي سڄي ملڪ جي ادارن ۾ نوڪريون ڏياريون. اسان جيڪي ڪم ڪرايا انهن جو فائدو اڄ تائين ٿي رهيو آهي.

Read Previous

بوسنيا سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم

Read Next

آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ووٽنگ جي باقاعدي طور شروعات

Most Popular