سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
مھمانن ۽ ميزبانن جا به واھ جا رنگ ھوندا آھن، ڪڏھن ڪڏھن مھمان قسمت سان ايندا آھن، ته ڪي وري مھمان بي دعوتا سلام بہ پاڻ ڪن تہ جواب بہ پاڻ ڏين، انھن مھمانن جي ڪا خاص خاصيت ھوندي آھي يا ته ڪو مقصد ڪم اٽڪيل ھوندو اٿن يا ته عادتي مھمان ٿيڻ پسند ڪن ٿا، ھاڻي ته وري اھڙا مھمان ظاهر اچي ٿيا آهن جو ماني ۽ ھنڌ وڇاڻ به پاڻ سان گڏ کڻيو پيا گھمن، صبح جو ھڪ سيلفي ڇڏين ٿا ته فلاڻي يار دعوت جھلي هئي، جڏھن خبر ظاھر ٿي ته دعوت وغيرہ ڪجھ ڪو نه ھئي يارڙا آمريڪن سسٽم تحت ڪٿي ترسيل ھئا، عجيب رنگ ڏسڻ ۾ ملن پيا، سيلفين جو ڏوھ يا مھمانن جو شوق فيصلو پڙھڻ وارا ڪندا، وري ٻئي طرف ھڪ اھڙي سنگت نمودار ٿي آھي جو شال نه ڪٿي ڪو صلاح ھڻي بس اجرڪ پاڻ سان گڏ کنيل ھوندي، پاسي واري ھمراهه کي ھٿ ۾ فون جھلائي ھڪ عدد پوز جي فرمائش، صبح جو خبر پوندي فلاڻي ڪاڄ ۾ مٺي سائينءَ کي اجرڪ اوڍائي وئي، وري ٻي طرف ميزبان به اھڙن مھمانن جو ٿورائتو ٿيڻ پسند ڪري ٿو جنهن وٽ سڄو سيڌو سامان ساڻ ھجي، فقط ھڪ عدد تنئوري جو بندوبست ٿيل ھجي، پوءِ وري ڏسو پنھنجي ٽوپي پنهنجي ھٿن سان لاھي وري پنھنجي ھٿن سان پائڻ جو مزو ڪٿي ٿو وسري، جيڪڏهن ڪير اڻ واقف اچي پڇي سائين اوھان ھٿ مٿي کڻيو بيٺا آھيو خير ته آھي؟ جواب ملي ته بغل وڏا ٿي ويا آھن خارش پئي ٿئي، عجب تماشو ڏسي اچرج سان گڏ ترس ۽ رحم ڪرڻ تي دل ڪري ٿي، ويچاري ماسي ٻلي ڪوئي جي پويان اچي دعوت ۾ نڪتي، ڏٺائين ته هتي ته سڀ نوريئڙا آيل آهن، ڪجھ دير انتظار ڪندي رھي نيٺ اچي بک مان دانھن ڪري ھڪ نوريئڙي کان پڇائين ته، تو سڀ ڪوئا شڪار ٿيڻ کان اڳ ۾ ڀڄائي ڇڏيا، اھو تو سٺو نه ڪيو، ويچاري نوريئڙي قسم کڻي وضاحت پيش ڪئي ته مون کي اوھان جي اچڻ جي ڪا اڳواٽ اطلاع ڪو نه ھئي، ھي مھمان آيا مون ميزباني ڪئي ھئي ھڪ دفعي، اڄ وري پنهنجي سيڌي سامان سان گڏ اچي لٿا آهن، آئون شرمندو آھيان اوھان جي اچڻ کان اڳم ڪوئا سڀ خالي پيٽ روانا ٿي ويا سٽينگ ۾ دير ٿي وئي، سڀ ڪوئا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ آيا ھئا، وقت جي تقاضا سمجھي مھمانن جي لڇڻن کي ڏسي ڪنن ۾ فس فس ڪندي نڪري ويا، پوءِ بس مھمان ۽ ميزبان وڃي بچيا جن جا ھٿ مٿي ھئا، سياڻا چوندا آھن نوريئڙو وڌ ۾ وڌ ٻه دفعا مھماني ڪري سگهي ٿو، باقي بس مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ جو شوقين ٿي سگهي ٿو.