پيپلزپارٽي جو سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام مدد علي ڪورونا سبب فوت ٿي ويو

ڪراچي: پيپلزپارٽي جو سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام مدد علي خان ڪوررنا سبب فوت ٿي ويو آهي. ڪٽنب ڄام مدد علي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسيمبلي ميمبر ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي هفتن تائين اعلاج هيٺ هو. ڪٽنب جو چوڻ آهي ته ڄام مدد علي کي گذريل مهيني ڪورونا جي شڪايت سبب ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو ۽ اڄ فوت ٿي ويو. ياد رهي ته ان کان پهريان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو خاص مددگار راشد رباني ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو ڀيڻيويوبه ڪرونا وبا سبب فوت ٿيا.

Read Previous

گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم دوران اسان کي صوبي بدر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

پاڪستان ۾ روزانو جنسي زيادتي جا يارهن ڪيس ٿين ٿا: سرڪاري انگ اکر

Most Popular