پاڪستان ۾ روزانو جنسي زيادتي جا يارهن ڪيس ٿين ٿا: سرڪاري انگ اکر

اسلام آباد: پاڪستان ۾ روزاني جي بنياد تي جنسي زيادتي جا 11 ڪيس ٿين ٿا. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 6 سالن دوران پوري ملڪ ۾ جنسي زيادتي جا 22 هزار کان وڌيڪ واقعا پوليس وٽ رپورٽ ٿيا پر انهن مان سزا صرف 77 جوابدارن کي ٿي يعني 0.3 سيڪڙو جوابدار انجام تي پهتا. 2015 کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 22 هزار 37 ڪيس داخل ٿيا، 4 هزار 60 ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهن جن مان 77 جوابدارن کي سزائون مليون ۽ صرف 18 سيڪڙو ڪيس پراسيڪيوشن سطح تائين پهتا. پوليس، لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان، عورت فائونڊيشن ۽ صوبائي فلاح ۽ بهبود جي ادارن کان حاصل انگن اکرن موجب پاڪستان روزانو 11 ڪيس ٿين ٿا. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته جنسي زيادتي جا اڌ کان به گهٽ ڪيس رجسٽر ڪرايا وڃن ٿا ۽ گذريل 5 سالن دوران ظاهر ٿيندڙ زيادتي ڪيسن جو اصل انگ 60 هزار به ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ڪيل ڪيسن جا 2 هزار 727 چالان يعني صرف 12 سيڪڙو عدالتن ۾ جمع ڪرايا ويا جڏهن ته هڪ هزار 274 يعني 5 سيڪڙو ڪيسن جو فيصلو ٿيو ۽ هڪ هزار 192 جوابدار عدالتن مان بري ٿي ويا.

Read Previous

پيپلزپارٽي جو سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام مدد علي ڪورونا سبب فوت ٿي ويو

Read Next

شوقينن لاءِ خوشخبري، پب جي ۾ نئون فيچر متعارف

Most Popular