اسلام آباد: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 18 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 7 هزار 160 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2 هزار 128 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 3 لک 59 هزار 32 هزار ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪروونا جا 3 لک 23 هزار 824 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 28 هزار 484 علاج هيٺ آهن. سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 1 لک 55 هزار 660 ۽ پنجاب ۾ هڪ لک 10 هزار 450 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه 42 هزار 370، اسلام آباد 24 هزار 218، بلوچستان 16 هزار 407، آزاد ڪشمير 5 هزار 455 ۽ گلگت ۾ 4 هزار 452 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 475 ۽ سنڌ ۾ 2 هزار 747 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ فوتين جو انگ 1 هزار 311، اسلام آباد 257، بلوچستان 156، گلگت بلتستان 93 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 21 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر شروع ٿي چڪي آهي. ٻئي لهر کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.