ڀرياروڊ . (رپورٽ محبوب نوناري) توهين رسالت ۔فرانس خلاف ڀرياروڊ جا سياسي سماجي ۔ مذهبي ڌرين ۔ دوڪاندار۔ صحافي ۔ اسڪولن جا شاگرد استاد اڳواڻ هزارين جي تعداد ۾ روڊن تي نڪري آيا ۔ رسول ڪريم صله وسلم جي توهين هر گز برداشت نه ڪئي ويندي ان لاء جانين جا نظرانا ڏيڻ لاء تيار آهيون ريلي جي مک اڳواڻي حاجي امتياز آرائين ڪئي ۔ ۽ ڀرياروڊ جي سمورن فرقن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن مولوي اشرف آرائين۔ مولوي حفيظ الرحمان ڪيريو۔ مولوي اشرف آرائين۔ مولوي نعمت الله بروهي ۔ مولوي غلام محمد ڪيريو ۔ ڊاڪٽر عبدالرحمان آرائين ۔مولوي شفيق احمد ن ليگ اڳواڻ عبدالغفار مغل . ۽ ٻين گڏيل طور تي يڪجهتي جو اظهار ڪندي هڪ ئي پليٽ فارم تي خطاب ڪيو ۔ رسول تان جان به قربان آ جا زور دار نعرا نوجوان توڙي معصوم ٻارڙن جي هٿن ۾ پاڪ رسول صله جا بينر پڻ هيا ۔