سانگهڙ( رپورٽ ڊر) سانگهڙ لڳ چوٽياريون پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج چوٽياريون واسين ولي داد ڪيريو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان گذريل ڪيتري عرصي کان اسان چوٽياريون ۾ رهون ٿا مگر ڪجھ سياسي ڀوتار اسان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي روز اسانجي گهرن پوليس چڙهيايون ڪري اسانجي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پئمال ڪري اسانجي تزليل ڪئي وڃي ٿي هنن چيو چوٽياريون ايس ايڇ او سياسي ڀوتارن جي ونگار وهندي ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسائڻ جو ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيو آهي هن چيو ته اسان اهڙيون درخواستون به ڪيون آهن پر اڃان تائين انصاف نه ٿيو آهي اسانکي زبردستي لڏايو پيو وڃي هنن وزيراعلي سنڌ آء جي سنڌ ايس ايس پي سانگهڙ ۽ وس وارن کان گهر ڪئي آهي ته اسين غريب ۽ مسڪين آهيون اسان انصاف ڪيو وڃي