لاڙڪاڻو : قمبر شهر سان واسطو رکندڙ جسمم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين عبدالستار هڪڙو پنهنجي ساٿي ميمبر وزير گاڏهي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) قمبر شهر سان واسطو رکندڙ جسمم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين عبدالستار هڪڙو پنهنجي ساٿي ميمبر وزير گاڏهي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومپرست تنظيم جسمم کان مڪمل طور تي لاتعلقي ڪندي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جسمم جهڙيون قومپرست جماعتون حقن واري جنگ جا نعره هڻائي اسان سميت سنڌ جي اڪثر نوجوانن جو ذهن خراب ڪري ملڪ دشمن ڪاروايون ڪرائينديون آهن، جڏهن ته جسقم، جساف ۽ جسمم جهڙيون تنظيمون بي بنياد آهن، جن جا مرڪزي اڳواڻ پاڻ ٻاهرين ملڪن ۾ آباد آهن ۽ هر قسم جون سهولتون استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هو منفي پروپيگنڊا ڪري سنڌ جي نوجوانن کي غلط رستي تي لڳائي سندن مستقبل تباھ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ دشمن عناصرن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اسان کي استعمال ڪري صرف ۽ صرف اسان جو وقت ضايع ڪيو آهي، جنهن جي ڪري اڄ اسان ترقي کان ڪيترو ئي پري ٿي فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور پڻ ٿي ويا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ جهڙي منصوبي کي پڻ تذادي بڻايو ويو، پر هي منصوبو اسان سميت اسان جي ايندڙ نسلن جي ترقي جو ضامن آهي، جڏهن ته مان پنهنجي ساٿي سان گڏجي اعلان ٿو ڪريان ته اڄ کان پوءِ اسان جو ڪنهن به قومپرست جماعت سان ڪو تعلق نه آهي.

Read Previous

نيوسعيدآباد ويجهو نوجوان حادثي ۾ فوت

Read Next

سانگهڙ : چوٽياريون پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

Most Popular