جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا ناصر خالد محمود سومرو، ۽ محبت علي کهڙو، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ منعقد ٿيندڙ

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا ناصر خالد محمود سومرو، ۽ محبت علي کهڙو، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ منعقد ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿي پنهنجي قائد سان اظهار محبت ۽ مشن کي جاري رکڻ جو وچن ڪندا، ان موقعي تي مولانا ناصر خالد محمود سومرو چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي قاتلن شهيد ڪري اهو سمجھيو هوندو ته هاڻي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي گونجندڙ آواز خاموش ٿي ويندو، پر ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت سان جمعيت جي آبياري ٿي آهي، شهيد جو خون ضرور انقلاب آڻيندو، هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل آمريڪا جو حرامي ٻار آهي، اسرائيل جي ذريعي عرب دنيا کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ان جو اهم ٽارگيٽ پاڪستان آهي، ملڪي سلامتيءَ تي ڪابه سوديبازي هرگز برداشت نه ڪبي، مولانا فضل الرحمان سياست نه پر رياست بچائڻ چاهي ٿو، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ملڪي سالميت ۽ جمهوريت جي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي، ملڪ تي عالمي قوتون مسلط آهن، هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته نيازي سرڪار کي غير ملڪي ۽ مغربي طاقتن جي آشيرواد حاصل آهي، جيڪو پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي ايجنڊا تحت ڪم ڪري رهيو آهي، سليڪٽيڊ حڪومت کي سڪون سان ويهڻ نه ڏينداسين، آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ اسلامي ملڪن کي مضبوط نٿا ڏسڻ چاهين ۽ اسلامي دنيا جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن، دنيا جي طاقتن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، اسان جا پَٽڪا سر جھڪائڻ لاءِ نه پر ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ ٻڌا آهن،هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جي يو آءِ جانيون قربان ڪندي پر سنڌ کي ٽڪرا ٿيڻ نه ڏيندي، سنڌ دشمن منصوبا ناڪام بڻايا ويندا. ان موقعي تي مولانا حميدالله سيال مولانا محمد الياس چنه، مولانا جمال مصطفيٰ تنيو، آصف علي مگسي، مولانا عبدالحق شيخ، علي خان مگسي، جمعيت طلباءِ اسلام جي صدر ثناءُ الله سيال، جنرل سيڪريٽري امداد الله جتوئي پڻ موجود هئا.

Read Previous

سانگهڙ : چوٽياريون پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

Read Next

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال

Most Popular