لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال

لاڙڪاڻو(بيورو دلبر شاهد ) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، رحمت خاتون سومرو ۽ عبدالڪريم ٽڳڙ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي شهر جي نظر پاڙي مان درزي نوجوان انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي 3 سال 6 مهينا ٿي ويا آهن، جڏهن ته شهر جي ايوب ڪالوني مان 3 آگسٽ 2018ع تي پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳر کي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي 2 سال چار مهينا ٿي ويا آهن، جڏهن ته 23 آگسٽ 2020 تي ڪراچي مان جبري طور ٻن ڀائرن شيراز احمد سومرو ۽ فراز احمد سومرو کي کنڀي گم ڪيو ويو جن کي پڻ ڪيترائي مهينا گذري چڪا آهن، پر سندن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ قهرام متل آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا ناصر خالد محمود سومرو، ۽ محبت علي کهڙو، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ منعقد ٿيندڙ

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular