لاڙڪاڻي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ جسڪاڻي ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي ضلعي لاڙڪاڻي طرفان ٽنڊو الهيار ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين پاران هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ جسڪاڻي ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي صدر نور مصطفيٰ جسڪاڻي، صحبت علي جسڪاڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جو قتل سنڌي قوم جو قتل آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، جڏهن ته سڄي ملڪ جي جسڪاڻي برادري الطاف جسڪاڻي جي وارثن سان گڏ آهي ۽ سندس خون رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هنن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ پوليس سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار اسلم رند، ڀولو خانزادو، معشوق رند ۽ ضمير رند کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي مقتول جي خون سان انصاف ڪيو، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ 32 هين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي

Most Popular