لاڙڪاڻي ۾ 32 هين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب جي ميزبانيءَ هيٺ 32 هين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ستين ڏينهن برسات سبب هڪ مئچ ٿي سگهي جيڪا پي آءِ اي قمبر ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ليٽ احمد بخش ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ قمبر جي ٽيم پهريان بئٽنگ ڪندي بئٽنگ جو فيصلو ڪندي بئٽنگ ڪئي ۽ مقرر 15 اوورن ۾ 95 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي جنهن ۾ فدا 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته لاڙڪاڻي جي ٽيم طرفان زوهيب 3 ۽ عرفان 2 وڪيٽون ورتيون. مليل ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي لاءِ لاڙڪاڻي جي ٽيم طرفان بئٽنگ ڪندي 5.1 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 46 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ حيدر 23 ۽ منان بروهي 14 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا جڏهن ته برسات سبب مئچ جو فيصلو ڊي ايل ايس سسٽم تحت ڪندي ليٽ احمد بخش ڪرڪيٽ ڪلب کي فاتح قرار ڏنو ويو. مئچ ۾ قمبر جي ٽيم طرفان اڪبر ۽ ظفر 1، 1 وڪيٽ ورتي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان الله يوسفزئي پنھنجي عملي سان گڏ شھر جي مين روڊ شاھي بازار ۽ مختلف ڪاروباري جو دورو

Most Popular