سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ خيرپور جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر شجاع الحسن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار گلال جي صدارت هيٺ سيمينار

خيرپور (ڊر) سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ خيرپور جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر شجاع الحسن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار گلال جي صدارت هيٺ سنڌ چيئرٽي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن ايڪٽ 2019 تحت سوشل ويلفيئر آفيس خيرپور ۾ هڪ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ضلعي خيرپور جي سمورن فعال غير سرڪاري تنظيمن جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ سمورن تنظيمن کي آن لائين چيئرٽي رجسٽريشن بابت تفصيل سان آگاهي ڏني وئي ۽ سنڌ چيئرٽي ويب پورٽل تي جلد رجسٽريشن ڪرائڻ لاء پڻ آماده ڪيو. ان سلسلي ۾ سمورن عهديدارن کي چيئرٽي رجسٽريشن چالان پڻ مهيا ڪيا ويا. سيمينار ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر تعلقه خيرپور قمرالدين چنه، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر تعلقه گمبٽ ذوالفقار شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

Read Previous

اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان الله يوسفزئي پنھنجي عملي سان گڏ شھر جي مين روڊ شاھي بازار ۽ مختلف ڪاروباري جو دورو

Read Next

لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي ننڊن توڙي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سياري جي برسات جو پهريو وسڪارو شروع ٿي ويو

Most Popular