اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان الله يوسفزئي پنھنجي عملي سان گڏ شھر جي مين روڊ شاھي بازار ۽ مختلف ڪاروباري جو دورو

مورو رپورٽر:  اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان الله يوسفزئي پنھنجي عملي سان گڏ شھر جي مين روڊ شاھي بازار ۽ مختلف ڪاروباري مرڪزن تي دوڪاندارن ۽ شھرين کي ڪرونا وائرس وبا جي ٻي لھر بابت ايس او پيز تي عمل بابت آگاھي ڪندي حڪم جاري ڪيا ته ھر ھڪ شھري کي ماڪس پائڻ لازمي آھي ماڪس نه پائڻ جي صورت ۾ ھر ھڪ ماڻھون تي جرمانو ھنيو ويندو دوڪاندارن کي صبح ڇھين وڳي کان شام ڇھين وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت شام ڇھين وڳي کان مڪمل ڪاروبار بند ڪري گھرن ۾ رھڻ جون ھدايتون ھوٽلن تي عوام کي چانھ ماني کارائڻ تي مڪمل پابندي صرف پارسل ڏيڻ جي اجازت جمعي ۽ آچر تي مڪمل ڪاروبار بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو خلاف ورزي ڪندڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو جي شاھي بازار ۾ دوڪاندارن سبزي فروش فروٽ مڇي ۽ گوشت وارن کان ريٽ لسٽون چيڪ ڪندي ھٿرادو ريٽ تي وڪرو ٿيندڙ کاڌي پيتي جي شين تي دوڪاندار توڙي ريڙھي وارن کي وارننگ ڏيندي چيو ته ريٽ لسٽ نه لڳل ھئڻ جي صورت ۾ کين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري دوڪانون سيل ڪيون وينديون

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ 32 هين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي

Read Next

سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ خيرپور جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر شجاع الحسن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار گلال جي صدارت هيٺ سيمينار

Most Popular