افغانستان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي خودڪش حملو، ٻه اهلڪار مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪابل: افغانستان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي خودڪش بمبار بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغانستان جي صوبي قنڌار جي مرڪزي پوليس چيڪ پوسٽ تي هڪ تيز رفتار گاڏي کي روڪيو ويو پر ڊرائيور رنڊڪن کي ٽوڙيندي گاڏي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو. قنڌار پوليس چيف جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته چيڪ پوسٽ تي حملو خودڪش هو  جنهن ۾ بمبار بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.. مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به صوبي باميان جي مرڪزي بازار ۾ ٻه بم ڌماڪا ڪيا ويا هئا جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 45 زخمي ٿي پيا هئا جن مان 4  جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پر اڃان تائين ڪنهن به گروپ ان ڌماڪن جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.  طالبان ان حملن ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي آهي جڏهن ته داعش طرفان به ان حملن جي ذميواري ناهي  ورتي وئي.

Read Previous

اداڪارا رباب هاشم شاديءَ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي جِتي وڻُ ناھي، اتي ڪانڊيرو ئي درخت (وڏو وڻُ) آھي

Most Popular