اداڪارا رباب هاشم شاديءَ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

ڪراچي پاڪستاني ڊرامن جي ناليواري اداڪارا رباب هاشم شاديءَ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. ”ضد، پيا من ڀائي، منت، ڪم ظرف ۽ ميري محسن“ جهڙن ڊرامن ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ اداڪارا رباب هاشم ڊرامن کانپوءِ هاڻ حقيقي زندگي ۾ زال جي روپ ۾ نظر اچڻ واري آهي. سادگي ۽ معصوم انداز سان سڃاتي ويندڙ اداڪارا جي شادي جي تصديق مسز خان ڪئي آهي، جيڪا عام طور تي ڇوڪرين جي روين تي ڳالهائيندي نظر ايندي آهي ۽ پيشي جي لحاظ سان ميرج بيورو جو ڪم ڪندي آهي. هن فيس بُڪ تي لکيو ته رباب هاشم لاءِ سندس جوڙ جو گهوٽ ڳولي ورتو آهي، جنهن جو نالو صهيب آهي، گڏوگڏ هن صهيب جي تصوير پڻ جاري ڪئي. هوڏانهن اداڪارا رباب هاشم به انسٽاگرام تي ڪجهه تصويرون جاري ڪيون آهن، جنهن ۾ کيس پيلي رنگ جا ڪپڙا پاتل آهن، سندس هٿن تي ميندي لڳي رهي آهي ۽ وارن ۾ گُل به لڳل اٿس، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته رباب هاشم جي شاديءَ جون تياريون زور شور سان جاري آهن.

Read Previous

نيوزيلينڊ جو گريگ بارڪلي آءِ سي سي جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو

Read Next

افغانستان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي خودڪش حملو، ٻه اهلڪار مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Most Popular