وينا جا دبئي مان گرفتاري وارنٽ جلد جاري ڪيا ويندا: اسد خٽڪ

لاهور:  وينا ملڪ ۽ ان جي مڙس اسد خٽڪ ۾ ٻارن جي  حوالگي سان جنگ جاري آهي. 2 ڏينهن اڳ وينا ملڪ جو چوڻ هو ته  هن اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ کي 50 ڪروڙ روپيه هرجاڻي جو قانوني نوٽيس موڪليو آهي پر ان جي جواب ۾ اسد خٽڪ چيو آهي ته مون کي ڪوبه نوٽيس ناهي مليو ۽ هو دبئي کان وينا ملڪ جي گرفتاري جا وارنٽ جاري  ڪرائيندو.  وينا ملڪ طرفان هرجاڻي نوٽيس جي بيان جو جواب ڏيندي اسد خٽڪ پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته وينا ملڪ هن ڀيري مهرباني ڪري منهنجي حقيقي ايڊريس تي ئي نوٽيس موڪلجو. فراڊ ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ اوهان جو پراڻو پيشو آهي. منهنجي ماءُ  ۽ ڀيڻن کي قتل جي ڌمڪي ۽ منهنجي آمريڪي ٻارن کي پاڪستاني سفارتخاني دبئي جي مدد سان غيرقانوني طريقي سان اغوا  تي پاڪستان جي رياست جي خاموشي هڪ سواليه نشان آهي؟  اسد خٽڪ وينا ملڪ تي ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته زاهده بي بي عرف وينا ملڪ جيڪا ماڻهن جون عزتون اڇلائڻ، غيراخلاقي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ ۽ غيرقانوني طور تي منهنجي ٻارن کي اغوا ۽  پاڪستان جي رياست جي عزت کي پامال ڪندڙ ڏينهن رات منهنجي سماجي اڪائونٽس کي بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. منهنجي سچائي ڪوبه نٿو روڪي سگهي،  مون سان منهنجو رب گڏ آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اسد خٽڪ طرفان وينا ملڪ جي مبينه آڊيو ڪال به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري چڪو آهي جنهن ۾ اداڪاره ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.گذريل ڏينهن وينا ملڪ کي ان جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ به 50 ڪروڙ روپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي چڪو آهي. اسد خٽڪ وينا ملڪ مٿان ٻنهي ٻارن کي غيرقانوني طريقي سان دبئي کان پاڪستان منتقل ڪرڻ جو الزام لاڳو ڪيو آهي. ياد رهي ته وينا ملڪ 2013 ۾ اسد خٽڪ سان شادي ڪئي هئي ۽ ان جا 2 ٻار آهن جڏهن ته هن 2018 ۾ اسد خٽڪ کان خلع وٺي ڇڏي هئي.

Read Previous

نيوزيلينڊ ويندڙ ڇهه پاڪستاني رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويا

Read Next

سرڪلر ريلوي ڪيس: سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular