سرڪلر ريلوي ڪيس: سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  سپريم ڪورٽ سرڪلر ريلوي لاءِ تعميراتي ڪم جي ڊزائن جي منظوري نه ڏيڻ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ عدالت سڳوري جي بينچ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته سرڪلر ريلوي جو ڪم 2 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها. صرف اوورهيڊ برج ۾ ٿورو ڪم رهندو آهي. ايف ڊبليو او  پاران اڃان تائين ڪم شروع ناهي ڪيو ويو؟ جنهن تي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي سربراهه ٻڌايو ته انهن سرڪلر ريلوي لاءِ تعميراتي ڪم جو ڊزائن ٺاهي ڏنو هو پر ان ڊيزائن جي منظوري ناهي ڏني وئي.چيف جسٽس گلزار احمد جي پڇاڻي تي ڊي جي ايف ڊبليو ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي منظوري ڏيڻي هئي جيڪا اڃان تائين ناهي ڏني وئي.  عدالت صوبائي حڪومت جي رويي تي ڪاوڙ جو اطهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽِس جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ جي وڏي وزير کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

وينا جا دبئي مان گرفتاري وارنٽ جلد جاري ڪيا ويندا: اسد خٽڪ

Read Next

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ حمزه کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular