نيوزيلينڊ ويندڙ ڇهه پاڪستاني رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويا

ويلنگٽن:  نيوزيلينڊ ويندڙ قومي اسڪواڊ ۾ شامل 6 رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويا آهن. رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ موجود قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ مينجمينٽ جو گذريل ڏينهن پهريون ڪورونا ٽيسٽ ورتو ويو هو جنهن جي رزلٽ اچي وئي آهي.  نتيجن موجب 6 رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي. ڪورونا هاڪاري ايندڙ رانديگرن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا جن 6 رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي اهي انهن ۾ 4 ڪنفرم آهن جڏهن ته 2 جو ٻيهر ٽيسٽ ورتو پيو وڃي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب پازيٽو ايندڙ 6 مان 2 ميمبر اڳ ئي ڪورونا جو شڪار ٿي چڪا آهن. پاڪستاني اسڪواڊ جي ڪورونا سبب متاثر رانديگرن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ وڌيڪ چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي لاءِ سڀني کان اهم عوام جو تحفظ آهي. قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪجهه ماڻهن ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي. دوري تي آيل پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مينجمينٽ سان ڳالهيون جاري آهن ڪورونا پروٽوڪولز تي عمل يقيني بنائڻ لازمي آهي.  واضح رهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم 2 ڏينهن اڳ نيوزيلينڊ پهتي هئي. نيوزيلينڊ ۾ ڪورونا ايس او پيز تحت سيريز کان اڳ رانديگرن جا 3 ٽيسٽ ڪيا ويندا.

Read Previous

انتظاميا پاران مختلف علائقن سٽيزن ڪالوني، پل، ڪئنال، هوٽل، شاپنگ سينٽر ۾ ٿيل غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو

Read Next

وينا جا دبئي مان گرفتاري وارنٽ جلد جاري ڪيا ويندا: اسد خٽڪ

Most Popular