بلاول ڀٽو جي سڀاڻي بختاور جي مڱڻي ۾ شرڪت سواليه نشان بڻجي وئي

اسلام آباد:  ڪورونا ٽيسٽ  هاڪاري اچڻ کان پوءِ بلاول ڀٽو جي سڀاڻي پنهنجي ڀيڻ بختاور جي مڱڻي واري تقريب ۾ شرڪت سواليه نشان بڻجي وئي.  بختاور ڀٽو زرداري جي مڱڻي واري تقريب سڀاڻي جمعي جي شام بلاول هائوس ڪراچي جي اوپن ايريا ۾ رکي وئي آهي. دعوت نامي تي مهمانن کي ڪروونا احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو  ويو آهي ۽ سمورن مهمانن کي تقريب ۾ شرڪت کان 24 ڪلاڪ اڳ ڪورونا جي ناڪاري ٽيسٽ جي اسڪين ڪاپي به بلاول هائوس کي ڏيڻ جو چيو ويو آهي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ ان جي پنهنجي ڀيڻ جي مڱڻي واري تقريب ۾ شرڪت تي سواليه نشان لڳي ويو آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آصف علي زرداري تقريب ۾ ڪجهه دير جي لاءِ شرڪت ڪندو.  جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري گهر جي مخصوص حصي ۾ قرنطينه ۾ آهي. مڱڻي جي تقريب کان اڳ ڪورونا ٽيسٽ جي لاءِ بلاول هائوس ۾ مقرر عملي جا به نموني ورتا ويا آهن.

Read Previous

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ حمزه کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ: اڄ کان ڏهه جنوري تائين سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا بند

Most Popular