ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ: اڄ کان ڏهه جنوري تائين سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا بند

اسلام آباد:  ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ تيزي اچڻ سان گڏ سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا اڄ کان بند ڪيا ويا آهن.  گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس کان پوءِ  تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ملڪ ۾ 26 نومبر کان تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.   تعليم واري وفاقي وزير جي اعلان تحت اڄ کان 24 ڊسمبر تائين سمورا اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون بند رهندا ۽ اتي آن لائن ڪلاس ورتا ويندا. پر  اهڙا اسڪول ۽ تعليمي ادارا جتي آن لائن ڪلاسز جا انتظام ناهن اتي ٻارن کي هوم ورڪ ڏنو ويندو. ان کان علاوه ڊسمبر ۾ ٿيندڙ سمورا امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن. تعليم واري وزيرن جي ڪانفرنس ۾  ڪيل فيصلن موجب 25 دسمبر کان 10 جنوري تائين تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون ٿينديون ۽ جنوري جي پهرين هفتي ۾ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. 11 جنوري کان تعليمي ادارا ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي طرف بلوچستان جا تعليمي ادارا 28 فيبروري تائين بند رهندا.

Read Previous

بلاول ڀٽو جي سڀاڻي بختاور جي مڱڻي ۾ شرڪت سواليه نشان بڻجي وئي

Read Next

سوات ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا، رهواسي ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا

Most Popular