پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ حمزه کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور:  پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي معاملي تي ڪابينه جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعليٰ آفيس جي ذريعن موجب وڏي وزير عثمان بزدار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 5 ڏينهن جي لاءِ پيرول تي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب جي گهرو کاتي جي ذريعن موجب شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي 27 نومبر ٻنپهرن جو 2 وڳي ٿيندي. ذريعن ان حوالي سان چيو آهي ته پنجاب ڪابينه سرڪيوليشن جي ذريعي 5 ڏينهن جي لاءِ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. ڪابينه ميمبرن جي منظوري کان پوءِ سمري پنجاب جي وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي هئي. ياد رهي ته  شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزادي جي درخواست اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شهباز شريف جي  امڙ شميم اختر جي لاڏاڻي سبب ڏني وئي هئي ۽ ان حوالي سان  جيل کاتي جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهان چيو هو ته پيرول تي آزادي شهباز شريف  ۽ حمزه شهباز جو قانوني حق آهي پر ٻنهي کي بيگم شميم اختر جي ميت پاڪستان پهچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ آزاد ڪيو ويندو.

Read Previous

سرڪلر ريلوي ڪيس: سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

بلاول ڀٽو جي سڀاڻي بختاور جي مڱڻي ۾ شرڪت سواليه نشان بڻجي وئي

Most Popular