سوات ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا، رهواسي ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا

سوات: خيپرپختونخواهه جي ضلعي سوات ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته زلزلي جي اونهائي 40 ڪلو ميٽر هئي زلزلي جو مرڪز پاڪ افغان سرحدي علائقو هو.  رپورٽ موجب زلزلي جي لوڏن کان پوءِ رهواسي ڊپ وچان  پنهنجن گهرن مان ڪلمي جو ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا.  ياد رهي ته گذريل مهيني خضدار سميت  بلوچستان صوبي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.

Read Previous

ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ: اڄ کان ڏهه جنوري تائين سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا بند

Read Next

ارجنٽينا کي فٽبال ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ڊياگو ميراڊونا لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular