سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي ھر فيلڊ مان نڪتل ۽ تڙيل جڏھن ڳولي ڳولي پاڻ جھڙي جنس وارن کي ھٿ ڪن ٿا، اھا ھڪ فطرت رھي آھي ته چنڊو چنڊي کي ڳولي لھي، پوءِ ڪڏھن ڪٿي ڪنھن چانھ جي ڪوپ تي يا خيرات فوتگي تي ھڪ ٻئي کي سونگھي سونگھي وڃيو چھٽيو پون، پوءِ بس ھر ڪو پنھنجي ڪھاڻي شروع ڪري، ھڪڙو چپ ڪري تہ ٻيو شروع ٿئي، ھرڪو ھڪ شاعر وانگر پھرئين منھنجي شاعري ٻڌ، اسان جو ھڪ دوست ڏاڍو پيارو ان جي ڪچھريءَ ٻڌڻ لاء ڪنھن معتبر دوست دعوت ڏئي مھمان ٺاھيو، چوڻ مطابق تہ اسان کي رھاڻ ٻڌائي، بهرحال صبح جو اھو مھمان جڏھن گڏيو پڇا ڪئي سون ته رات اوھان جي ڪچھري ڪيئن رھي، وڏا کل ۽ ٽھڪ ڏئي چيائين ته ميزبان مونکي رڳو پنهنجي ڪھاڻي ٻڌائي مون ان کي عافيت سمجھي ماٺ ڪئي ۽ گھڻن ڏينھن کان اوجاڳيل ۽ ٿڪل ھئيس پئي جھوٽا کاڌم، جڏهن ڪنڌ ھيٺ پئي زمين تي لڳم تہ سبحان الله ۽ واھ واھ جا لفظَ پئي اچاريم، ميزبان وري ٻئي ڪھاڻي شروع ٿي ڪئي، ماشاءالله فجر جي آذان تي چپڙي ٿي، جيڪڏھن مون کان پڇي ھا ته عمر زال ھئي يا مڙس پوءِ تہ مون کي سڄي مھماني ڀرڻي پوي ھا، پر ان مزي سان پنهنجي اندر جي باھ ڪڍي، ائين ھڪ ڪيپئير پنهنجي ڪيپرنگ بابت معلوم ڪيو تہ منھنجي ڪيپرنگ ڪيئن هئي؟ اڳئين دوست چيو، سائين استاد مٺائي کارا، جو پنجاھ سالن جي وڏي انتظار بعد لائوڊ تي ڳالھائڻ جو موقعو مليو اٿئي، اھا وڏي ڪاميابي آھي، ائين وري تقرير واري پڇيو ڏيو خبر اڄ آئون ڪيئن لڳس، چوڻ وارن چيو واھ سائين بس وڏي ڪنهن مقرر جو ٻيو روپ آھيو، ائين مطلب ته جڳاڙو يارڙا گھڻائي ۾ نڪري پيا، بس رڳو ڪا ويھڻ واري جڳھ ملي پوءِ روئڻ ڪو ھنن کان سکي، جيڪڏهن اھڙا ھمراھ ڪٿي گڏجن تہ مھمان ٿيڻ کان مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ ۾ عافيت سمجھو.