ارجنٽينا کي فٽبال ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ڊياگو ميراڊونا لاڏاڻو ڪري ويو

بيونس آئرس : فٽبال جي دنيا جو عظيم رانديگر ڊياگو ميراڊونا لاڏاڻو ڪري ويو. ارجنٽائن ميڊيا موجب ميراڊونا دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق سندس وڪيل به ڪئي آهي. وڪيل جو چوڻ آهي ته ميراڊونا جو لاڏاڻو گهر ۾ ٿيو. 60 ورهين جي فٽبالر ڪجهه ڏينهن اڳ دماغ جي ڪامياب سرجري ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ کيس ڊسچارج ڪيو ويو هو. ميراڊونا ارجنٽائن فٽبال ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان رهيو ۽ پنهنجي وقت جو عظيم رانديگر هو، جنهن جي قيادت ۾ ارجنٽينا 1986 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو. ڊياگو ميراڊونا ارجنٽائن ٽيم جو ڪوچ به رهيو پر 2010 جي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي سبب کيس عهدي تان هٽايو ويو هو.

Read Previous

سوات ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا، رهواسي ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي پٿرُ پرائو، سورَ ھرڪا پنھنجا روئي

Most Popular