عمران خان، ڊبل خان ٿي ويو آھي، عمراني حڪومت مھنگائيءَ کانسواءِ عوام کي ڪجھ به ناھي ڏنو : ، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ جيلاني

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ  ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ جيلاني پريس ڪلب خيرپور هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان، ڊبل خان ٿي ويو آھي، عمراني حڪومت مھنگائيءَ کانسواءِ عوام کي ڪجھ به ناھي ڏنو، هن چيو ته ڊبل خان پاران ملتان ۾ يوم تاسيس جلسي عام کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽون وڌيون ويون ته پوءِ هر جڳهه تي عوامي ميدان سجايا ويندا، هن چيو ته وفاقي سرڪار کان ڊڄڻ وارا ناهيون، پ پ ۽ پي ڊي ايم جي قيادت ملتان جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي جنهن پاڻ کي گهر اندر آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي عمران خان  کان نجات ڏيارينداسين، هن چيو ته وفاقي سرڪار پي ڊي ايم کان ڊنل آهي، جنهن ڪري هنن کي ڪرونا اپوزيشن جي جلسي ۾ نظر اچي ٿو، جڏهن ته رانا جبار خان پاران نڪتل ريلي،گلگت ۾ پي ٽي آءِ جا جلسا ٿيندا رهيا پر اتي کين ڪرونا نظر نٿو اچي، هن چيو ته يوم تاسيس جلسي ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ تمام احتياتي تدابيرون استعمال ڪيون وينديون، نفيسه شاهه چيو ته ملتان جلسي لاءِ پيپلزپارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو قافلو جيلاني هائوس خيرپور کان روانو ٿيندو، جڏهن ته پي ڊي ايم ۽ پ پ پ ڪارڪنن جو سمنڊ جلسي گاهه ۾ نظر ايندو، انشاالله وفاقي سرڪار جا ڏينهن جلد پورا ٿي ويندا،  ايندڙ سال پيپزپارٽي ۽ عوام جو آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 4 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

Read Next

سنڌ حڪومت واپارين اڳيان بي وس، ڪاروبار جي وقت ۾ واڌ

Most Popular