سنڌ حڪومت واپارين اڳيان بي وس، ڪاروبار جي وقت ۾ واڌ

ڪراچي : سنڌ حڪومت واپارين جي احتجاج تي ڪاروبار جو وقت وڌائي ڇڏيو. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪاروباري وقتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت بازارون رات 8 وڳي تائين کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مارڪيٽ ايسوسيئيشنز، مالڪ ۽ شهري ايس او پيز جو خيال ڪن، دڪاندار ۽ خريدار سميت هر شخص ماسڪ پائي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز تحت ڪاروبار صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، جنهن کي واپارين رد ڪندي جمعي کان مارڪيٽون ۽ دڪان کليل رکڻ جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

عمران خان، ڊبل خان ٿي ويو آھي، عمراني حڪومت مھنگائيءَ کانسواءِ عوام کي ڪجھ به ناھي ڏنو : ، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ جيلاني

Read Next

ام ربابت ڪٽنب قتل ڪيس: سنڌ پوليس ٻن جوابدارن کي به گرفتار نٿي ڪري سگهي؟ چيف جسٽس

Most Popular