ام ربابت ڪٽنب قتل ڪيس: سنڌ پوليس ٻن جوابدارن کي به گرفتار نٿي ڪري سگهي؟ چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ام رباب جي ڪٽنب جي قتل ۾ ملوث ٻئي مفرور جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي ڪٽنب جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته آءِ جي سنڌ مشتاق مهر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته ٻن مفرور جوابدارن مان هڪ ذوالفقار چانڊيو گرفتار ٿي ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا سنڌ پوليس ٻن مفرور جوابدارن کي به نٿي گرفتار ڪري سگهي؟. ام رباب چانڊيو عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي هڪ ڊيل تحت پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي خلاف جوابدارن جي سهولتڪاري تي ڪا به ڪارروائي نه ٿي آهي، عدالت وڃان ٿي ته جاگيردار ۽ وڏيرا منهنجو رستو روڪين ٿا، هنن کان مونکي زندگيءَ جو خطرو آهي. سنڌ جي آءِ جي چيو ته ام رباب کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني پئي وڃي، ام رباب چيو ته پيپلزپارٽي جا ٻئي صوبائي ميمبر (ايم پي ايز ) قتل ڪيس ۾ جوابدار آهن پر انهن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي، سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي سندن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي. عدالت ٻئي گهربل جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪارروائي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

سنڌ حڪومت واپارين اڳيان بي وس، ڪاروبار جي وقت ۾ واڌ

Read Next

ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز چار ۾ پوليس مقابلو، پنج ڏوهاري مارجي ويا

Most Popular