ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز چار ۾ پوليس مقابلو، پنج ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڊفينس 4 ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 5 ڏوهاري مارجي ويا آهن. گزري ٿاڻي جي ايس ايڇ جو چوڻ آهي ته پوليس مقابلو هڪ خالي بنگلي ۾ ٿيو، جوابدارن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي پوليس پهتي ته هنن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 جوابدار مارجي ويا، جوابدارن وٽان اسلحو به مليو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ بنگلي ٻاهران پهتا هئا، جوابدارن وٽان ڊبل ڪيبن گاڏي تحويل ۾ ورتي آهي ۽ گاڏيءَ بابت تفصيل ورتا پيا وڃن. پوليس جي دعويٰ آهي ته جوابدار ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ گهربل هئا، مارجي ويل جوابدارن مان ٽن جي سڃاڻپ مصطفيٰ، محمد عابد ۽ رياض جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته ٻين کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

ام ربابت ڪٽنب قتل ڪيس: سنڌ پوليس ٻن جوابدارن کي به گرفتار نٿي ڪري سگهي؟ چيف جسٽس

Read Next

ڪراچي: مهندي جي ڪارخاني ۾ باهه، ٽي ڄڻا اجل جو شڪار

Most Popular