ڪراچي: مهندي جي ڪارخاني ۾ باهه، ٽي ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ مهندي جي ڪارخاني ۾ باهه لڳڻ ڪري 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا. فائر برگيڊ انتظاميا موجب مهندي جي ڪارخاني ۾ باهه جو واقعو اورنگي ٽائون نمبر 4 ۾ پيش آيو. عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪيميڪل سبب باهه وسائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري وڌيڪ فائرٽينڊرز طلب ڪيا ويا آهن. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو هن وقت تائين ڪو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر ان حوالي سان جاچ جاري آهي.

Read Previous

ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز چار ۾ پوليس مقابلو، پنج ڏوهاري مارجي ويا

Read Next

وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊي ڇڏيو

Most Popular