سجاول(ڊر)سجاول ضلعي ۾ ھڪ ئي ٽي ايم او ۽ ھڪ ئي ايڊمسٽيٽر وٽ ٻن ٽائون ڪميٽي جي چارج ھجڻ تي ٻئي ٽائون ڪميٽيون جا شھر کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويا. ضلعي جي ھيڊڪوارٽر جو درجو رکندڙ شھر سجاول ۽ تعلقو ميرپوربٺورو ٻئي شھر کنڊرات ۾ تبديل ٿيڻ لڳا.شھرن مان صفائي سٿرائي گٽر نالا ھفتن جا ھفتا صفائي نه ٿيڻ ڪري شھرن ۾ گٽرن جو پاڻي روڊن،رستن تي بيھي رھي ٿو جنھن سبب اتان گذندڙ عورتن ۽ نمازين کي سخت مشڪلات جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.جنھن تي ٻنھي شھر جي شھرين سخت ڪاور جو اظھار ڪندي چيو ته سجاول ۽ ميرپور بٺورو جي ٽائون ڪميٽين ۾ ھڪ ئي ٽي ايم او ۽ ھي ئي ايڊمسٽيٽر ھجڻ ڪري ٻئي ٽائون ڪميٽيون کنڊرات ۾ تبديل ٿي رھيون آھن.ٻنھي ٽائون ڪميٽي جي ايندڙ بجٽ خبر ناھي ڪٿي خرچ ٿي رھي آھي.ٽائون ڪميٽي سجاول ۽ ميرپوربٺورو ۾ ڀرتي ملازم سياسي وڏيرن ۽ ٽي ايم او سميت ايڊمسٽيٽر جي شفقت سان ڪيترائي ملازم گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن جنھن سبب شھرن جي صورتحال تمام خراب آھي.انھن چيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين خبر ناھي ننڊ پيل آھي.سجاول ضلعي جي ٻنھي ٽائون ڪميٽي ۾ ھڪ ماڻھو وٽ ٻه ٻه چارجون آھن.اڃا تائين ڪوبه ٻيو آفيسر مقرر ناھي ڪيو ھنن چيو ته سجاول جي ٽائون ڪميٽي ۾ ٽي ايم او مقرر ڪيو وڃي. ۽ ايڊميسٽيٽر جا اختيار اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول جي حوالي ڪيا وڃن.