ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ڄاماڻي جي رهواسين شاهه لطيف ٿاڻو خيرپور جي ايس ايڇ او سڪندر علي ملڪاڻي ۽ وڏيري شرف الدين شنباڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ڄاماڻي جي رهواسين شاهه لطيف ٿاڻو خيرپور جي ايس ايڇ او سڪندر علي ملڪاڻي ۽ وڏيري شرف الدين شنباڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي خدا بخش اوڍاڻو ممتاز علي اوڍاڻو علي مراد اوڍاڻو غلام علي اوڍاڻو محمد پنجل اوڍاڻو رجب علي اوڍاڻو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ پليو خان شنباڻي جي غلام عباس شنباڻي جي  گهر مان ڪن نامعلوم چورن ڪجهه عرصو اڳ ٻڪريون چوري ڪيون هيون جن جا پيرا کڻائڻ لاءِ دارا واهن چوڪي جي انچارج جماندار رضا محمد ناڙيوال جي صلاح مشوري سان ڪتا گهرايا ويا هئا جڏهن ته ڪتو ٻين ڪيترن ئي  گهرن ۾  ويو ليڪن جماندار زبردستي ٻيهر غلام علي جي گهر ۾ ويهاريو جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ ۾ جماندار سان غلام علي وارن جي منهن ماري به ٿيل هئي ته هن شاهه لطيف ٿاڻي سان ملي ڀڳت ڪري شنباڻي برادريء جي چڱي مڙس ۽ جن جي چوري ٿيل آهي کين کي گمراهه ڪري اوڍاڻن تي چوري جو الزام هنيو  هنن وڌيڪ چيو ته جڏهن ته ڪافي دفعا اسان چڱا مڙس وٺي ڳالھيون ڪرڻ جي لاءِ مالڪن وٽ ويا آهيون ليڪن پوليس ڳالهيون ٿيڻ کان روڪڻ تي اٽل آهي  پوليس غلام علي جي پٽ آصف کي ناحق ڦاسائي پنهنجو پراڻو پلاند پورو ڪرڻ چاهي ٿي هنن هوم ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري آء جي سنڌ آرپي او  سکر ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اعلي اختيارن کان گهر ڪندي چيو آهي ته خدارا اسان مسڪينن تي رحم ڪري مڪمل انڪوائري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ آر پي او آفيس سکر آڏو ٻچن ٻارن سميت ڌرڻو هنيو ويندو

Read Previous

نوشهروفيروز : سياسي سماجي، ادبي ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ شديد نعريبازي ڪئي وئي

Read Next

نوشهروفيروز: لنجار جي هٿ تي پ پ ۾ شموليت نه ڪرڻ تي نوشهروفيروز پوليس جي ڏاهري برادري جي گهرن تي ڪاهه،ڪيترائي گرفتار

Most Popular