نوشهروفيروز: لنجار جي هٿ تي پ پ ۾ شموليت نه ڪرڻ تي نوشهروفيروز پوليس جي ڏاهري برادري جي گهرن تي ڪاهه،ڪيترائي گرفتار

نوشهروفيروز ڊ ر  لنجار جي هٿ تي پ پ ۾ شموليت نه ڪرڻ تي نوشهروفيروز پوليس جي ڏاهري برادري جي گهرن تي ڪاهه , چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد , ڦرلٽ ڪرڻ بعد پوليس ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪري کڻي وئي جنهن عمل خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري مصر جي واهه تي ڌرڻو هنيو ويو مظاهرين جي اڳواڻي حمير علي ڏاهري , محمد رمضان , صدام , ڪريم بخش ڏاهري ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڳوٺاڻن چيو ته گذريل ڏيڍ مهيني کان نوشهروفيروز پوليس اسان خلاف ڌرتي ٽامو بڻائي ڇڏي آهي ڪوبه ڏينهن خالي ناهي جو پوليس اسان جي ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل نه ڪيو هجي پر رات دير سان اسان جي گهرن تي پوليس جي وڏن اٽالن ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن جيان چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهرن مان سونا زيور ۽ روڪ رقم جي ڦرلٽ ڪرڻ اسان جا پيرسن , نوجوان کنڀي وئي آهي جيڪو وڏو ظلم آهي هنن چيو ته ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ پ پ اڳواڻ ضياء لنجار جي ڪمداري ڪري رهيو آهي ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ڳوڻاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ورتا آهن صرف انهي لاء ته اسان پ پ ۾ شموليت ڇو نه ٿا ڪيون اسان حر جماعت سان سالن کان گڏ آهيون ۽ مرڻ گهڙي تائين گڏ هونداسين ڪير به اسان جي وفادارين کي مٽائي نه ٿو سگهي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان , وزير اعظم پاڪستان سميت اعلا عملدار کان معامري جي اعلا سطح تي انڪوائري ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي

Read Previous

ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ڄاماڻي جي رهواسين شاهه لطيف ٿاڻو خيرپور جي ايس ايڇ او سڪندر علي ملڪاڻي ۽ وڏيري شرف الدين شنباڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

ڄام شوري جي رهواسي رشيده چانڊيو پنهنجي مُڙس صدام حسين سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي

Most Popular