ڄام شوري جي رهواسي رشيده چانڊيو پنهنجي مُڙس صدام حسين سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي

نوابشاهه (رپورٽ:دانش حيدر) ڄام شوري جي رهواسي رشيده چانڊيو پنهنجي مُڙس صدام حسين سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجي شادي علي دوست چانڊيو سان ٿيل هئي جيڪو هر وقت مونتي تشدد ڪندو هُيو جڏهن ته منهنجو اڳوڻو مُڙس چرس ۽ هيرون جو عادي هُيو جنهن جي ظلمن کان تنگ ٿي مان ٻه ڀيرا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کانپوءِ منهنجي مُڙس مونکي طلاق ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ مون صدام حسين چانڊيو سان نوابشاهه جي عدالت ۾ شادي ڪئي آهي جنهن تان منهنجو اڳوڻو مُڙس دوست علي، علي گل، محب ۽ عبدالرزاق چانڊيو اسان جا جاني دشمن بڻجي ويا آهن ۽ هر وقت اسان کي قتل ڪرڻ لاءِ ڳولي رهيا آهن هن چيو ته منهنجي مُڙس جي مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي تحفظ ڏئي اسان جي زندگي بچائي وڃي

Read Previous

نوشهروفيروز: لنجار جي هٿ تي پ پ ۾ شموليت نه ڪرڻ تي نوشهروفيروز پوليس جي ڏاهري برادري جي گهرن تي ڪاهه،ڪيترائي گرفتار

Read Next

شاھپور جهانيان : صحافي قاسم جاني ٻگهيو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular